رانديون

پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان نڪرڻ کان بچي ويو، ڏکڻ آفريقا کي شڪست

پاڪستان چوٿين ۽ اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان ٻاهر نڪرڻ کان في الحال بچي ويو آهي. ميڊيا مطابق ايڊيليڊ جي ميدان تي برسات پوڻ بعد ٿيل ميچ ۾ ڊي ايل ايس تحت پاڪستان 33 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. هن ميچ ۾ بھ پاڪستاني اوپنر بابراعظم 6 ۽ محمد رضوان 4 رنسن سان وري ناڪام رهيا، محمد حارث 28، شان مسعود 2 رنسن تي آئوٽ ٿيب ويا، بعد ۾ افتخار احمد 51 ۽ شاداب خان 52 رنسن جي جارحاڻي راند اننگز کيڏي ڪاميابي جو بنياد رکيو، جنهن سان ٽيم 9 وڪيٽن تي 185 رنسون ٺاهي وئي. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقي بالرن مان اينرچ نورٽجي 4 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو، بعد ۾ برسات پوڻ تي ميچ 14 اوورن تائين محدود ڪري 142 رنسن جو هدف ڏنو ويو، پر بيٽنگ لائين ڄمي نھ سگهي، جنهن بعد 9 وڪيٽن تي رڳو 108 رنسون ٺهي سگهيون، جنهن ۾ ڪپتان ٽيمبا 36، ايڊن مارڪرم 20، هينرچ ڪلاسين 15 رنسون ڍاهي نمايان رهيا، ڪوائنٽن ڊي ڪوڪ ٻڙي تي ويو، رائلي روسو 7 رنسن تي واپس ويو. بالرن ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ شاداب خان 2 وڪيٽون ۽ 52 رنسون ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button