رانديون

پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچ ڪهڙي ريت ممڪن ٿيندي؟

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جون آخري مرحلي واريون ميچون جاري آهن، جنهن ۾ پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ رسائي اڃا تائين تمام گهڻي ڏکي بڻيل نظر اچي رهي آهي. گروپ 2 جي پوائينٽس ٽيبل جي صورتحال واضع ڪري رهي آهي تھ ڀارت جي زمبابوي کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچڻ چٽا امڪان آهن، اپ سيٽ شڪست جي صورت ۾ سندس رن ريٽ مددگار ٿي سگهي ٿو. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا 5 پوائينٽس سان ٻي پوزيشن تي آهي، جيڪو نيڌرلينڊ هٿان اپ سيٽ شڪست کائي ٿو تھ ان صورت ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميچ ۾ پاڪستان سوڀارو ٿي سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا ڪواليفائي ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button