ٽي 20 ورلڊ ڪپ سپر فور مرحلي جي پڄاڻي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ گروپ 2 مان ڀارت ۽ پاڪستان سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي، جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا نيڌرلينڊ هٿان اپ سيٽ شڪست ۽ بنگلاديش پاڪستان کان هارائي ايونٽ مان نڪري ويا آهن. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا نيڌرلينڊ 4 وڪيٽن تي 158 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اسٽيفن ميبرگ 37، ڪولن ايڪرمين 41، ٽام ڪوپر 35، ميڪس او ڊوڊ 29 رنسن سان نمايان رهيا، نيڌرلينڊ جي 159 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا 8 وڪيٽن تي رڳو 145 رنسون ئي ٺاهي شڪست کاڌي آهي، جنهن ۾ اوپنر ڪوائنٽن ڊي ڪوڪ 13، ڪپتان ٽيمبا باووما 20، رائلي روسو 25، ايڊن مارڪرم، ڊيوڊ ملر 17،17 ۽ هينرچ ڪلاسين 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيڌرلينڊ جي بالرن مان برينڊن گلور 3، فريڊ ڪلاسين، باس ڊي ليڊي 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.
هوڏانهن ڏکڻ آفريقا جي شڪست تي ڀارت سيمي فائنل ۾ پهچي ويو، جنهن بعد آخري ميچ ۾ زمبابوي کي 71 رنسن تان هارائي 8 پوائينٽس سان ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي آهي. ڀارتي بيٽرن ڪي ايل راهول 51، سورياڪمار 61 ۽ ويرات ڪوهلي 26 رنسن سان نمايان رهيا، بيٽر سوريا ڪمار کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. زمبابوي جا ريان بري 35، سڪندر رضا 34، سين وليمز 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارتي بالرن رويچندر ايشون 3، محمد شمي ۽ هاردڪ پانڊيا 2،2 وڪيٽون ورتيون. بيٽر سوريا ڪمار کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.