رانديون

رٽائرمينٽ ناهي ورتي، اڃا ٻيو ورلڊ ڪپ بھ کيڏڻ چاهيان ٿو: ڪرس گيل

ويسٽ انڊيز جي جارح بيٽر ڪرس گيل پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واري تاثر کي رد ڪندي چيو آهي تھ مون اڃا رٽائرمينٽ ناهي ورتي، مان تھ ٻيو ورلڊ ڪپ بھ کيڏڻ چاهيان ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مون ميدان ۾ تفريح ڪئي پئي ۽ مداحن سان ملي انهن کي خوش ڪري رهيو هئس، ماڻهن سمجهيو تھ هي منهنجو آخري ورلڊ ڪپ آهي، پر ان ڳالهه ۾ حقيقت ناهي. هن جو چوڻ هو تھ مون کي نٿو لڳي تھ مون کي هڪ ٻيو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي اجازت ڏني ويندي، منهنجي خواهش آهي تھ آخري ميچ جميڪا ۾ کيڏان، پر هن وقت اهڙو ڪو ارادو نھ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button