رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت 8 ٽيمون سڌو سپر 12 ۾ پهچي ويون

ٽي 20 ڪرڪيٽ جي ايندڙ سال رٿيل ورلڊ ڪپ 2022ع جي مقابلن ۾ 8 ٽيمون سڌو سپر 12 مرحلي ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي جاري ڪيل پوائينٽ ٽيبل تحت ڪرڪيٽ جي مختصر فارمينٽ واري ايونٽ جي ايندڙ سال رٿيل مقابلن لا ترتيب سامهون اچي وئي آهي، جنهن تحت ايندڙ سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزبان آسٽيريليا، ڀارت، پاڪستان، نيوزيلينڊ سپر 12 مرحلي ۾ پهتيون آهن. جڏهن تھ سپر 12 ۾ سڌري ريت پهچڻ سبب انگلينڊ، افغانستان، ڏکڻ آفريقا ۽ بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ جا ڪواليفائي وارا رائونڊ نھ کيڏڻا پوندا. پوائينٽ ٽيبل جي ترتيب موجب ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، نميبيا ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن بھ سپر 12 مرحلي ۾ ڪواليفائي نھ ڪيو، جن کي سپر 12 مرحلي جا ڪواليفائي رائونڊ کيڏڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button