
پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آئرلينڊ ويمن ٽيم وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ اڄ لاهور ۾ کيڏيو ويندو. ميڊيا مطابق پاڪستاني ڪپتان بسما معروف ۽ آئرلينڊ جي ڪپتان لورا ڊيلاني قذافي اسٽيڊيم ۾ سيريز جي ترافي جو گڏجي مهورت ڪيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بسما معروف چيو تھ اسين ٽي 20 ۾ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿيون، هي سيريز ان ۾ مددگار ڏيندي. هوڏانهن آئرش ڪپتان لورا ڊيلاني چيو تھ پلان تحت کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.