
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل آچر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي مان هڪ جي چيمپيئن بڻجڻ جو فيصلو بھ ٿي ويندو، جنهن جي تياري طور پاڪستاني رانديگرن پريڪٽس ڪندي ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏڻ جي حوالي سان ميلبورن م ديرو ڄمائي ويٺل پاڪستاني رانديگرن برسات سبب ميدان بدران انڊور پريڪٽس سيشن ڪيو آهي. جڏهن تھ پي سي بي چيئرمين رميز راجا بھ رانديگرن جي پريڪٽس سيشن ۾ شريل ٿيو، جنهن سندن حوصلي کي پڻ وڌايو. هوڏانهن آئي سي سي جي ميگا ايونٽ جو فائنل کيڏڻ جي تياري انگلش رانديگرن بھ ڪري ورتي آهي، جنهن دوران انگلش ڪپتان ايونٽ ۾ ڪاميابي جي اميد ڏيکاري آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو انگلينڊ خلاف رڪارڊ چڱو ناهي، ڇوتھ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ 17 ڀيرا ڪاميابي ماڻي، پاڪستان رڳو 9 ميچن ۾ فتح ماڻي سگهيو آهي.