
پاڪستان مڪسڊ مارشل آرٽ جي رانديگر عاصم خان ايم ايم اي چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڪوليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عاصم خان سيمي فائنل جي مقابلي ۾ ميزبان ٿائيلينڊ جي رانديگر کي شڪست ڏيڻ بعد فائنل ۾ جڳهه ٺاهي آهي. فائنل ۾ عاصم خان جو مقابلو قزاقستان جي پليئر سان ٿيندو.