
ڀارت جي مشهور عورت ريسلر ريتو ڦوگهٽ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي نئين زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ريتو ڦوگهٽ پنهنجي مڱيندي سچن سان شادي ڪئي، جنهن جون رسمون روايتي مذهبي ۽ ثقافتي انداز ۾ ڪيون ويون آهن، جنهن بعد ريتو شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن. هوڏانهن مداحن ريتو ڦوگهٽ کي نئين زندگي شروع ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ياد رهي تھ ريتو جون ٻھ ٻيون ڀينرون بھ ريسلر آهن.