
پاڪستان جي تيز بالر شاهين شاهه آفريدي جو زخمي ٿيڻ بعد پهريون بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو حصو بڻجڻ تي فخر جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا مطابق شاهين آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تھ ملڪ خاطر سڀ ڪجهه حاضر آهي، اسان هر شئي ڪئي، محنت جاري رکنداسين.