
بنگلاديش جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم آخري ميچ ۾ پاڪستان جي انڊر 19 ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ون ڊي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 تان کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق برسات سبب 42 اوورن تي ڪيل ميچ ۾ پاڪستان 9 وڪيٽن تي 220 رنسون ڪيون، بنگلاديش 6 وڪيٽن تي هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي.