سڊني: سربين ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ 2023 جي آسٽريلين اوپن ۾ شرڪت لاءِ راهه هموار ڪري ورتي آهي. هن کي ڪرونا جي ويڪسين نه لڳائڻ تي آسٽريليا مان نيڪالي ڏني وئي هئي. هلندڙ سال جنوري ۾ آسٽريلوي حڪومت 9 ڀيرا آسٽريلين اوپن کٽيندڙ نواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪري کيس ڊي پورٽ ڪيو هو ۽ ڪرونا جي ويڪسين نه وٺڻ تي 3 سالن لاءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. جڏهن ته مقامي ميڊيا هاڻي تصديق ڪئي آهي ته آسٽريليا جي اميگريشن وزير اينڊريو گائلز نوواک جوڪووچ جي داخلا تي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، هو آسٽريلين اوپن ۾ شرڪت لاءِ ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ جو اهل بڻجي ويو آهي. ٻئي طرف آسٽريلوي اميگريشن وزارت جي ترجمان انهن خبرن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close