رانديون

پاڪستان جي پنجين ڪاميابي، آسٽريليا سان سيمي فائنل کيڏندو

شارجا: پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ به ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. شارجا ۾ گرين شرٽس اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ مسلسل پنجين ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي. پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 66 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي، جڏهن ته شعيب ملڪ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 18 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون، اها پاڪستان جي ڪنهن به رانديگر طرفان ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين ففٽي آهي. جواب ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهي سگهي، ميچ جو بهترين رانديگر شعيب ملڪ کي قرار ڏنو ويو. پاڪستان جو سيمين فائنل آسٽريليا سان ٿيندو ۽ اها ميچ 11 نومبر تي کيڏي ويندي. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button