سنڌ

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي ورڪر پارٽي جو احتجاج

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي ورڪر پارٽي پاران عبدالحميید کوسو، برڪت کوسو، سعيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ورڪر پارٽي آفيس کان ريلي ڪڍي ڪشمور ٿاڻي کان اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻن چيو ته ڪشمور ۾ موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ سميت مختلف وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪشمور پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اھلڪار صرف سيلفيون ٺاهڻ ۽ موبائيل فون استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال بھتر بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button