رانديون

شعيب ملڪ ثانيھ مرزا جي موجودگي ۾ تاريخ لکي ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ڀارتي ٽينس اسٽار زال ثانيھ مرزا جي موجودگي ۾ تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 جي آخري ميچ ۾ شعيب ملڪ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي شاٽ مٿان شاٽ کيڏي آهي، جنهن دوران هر شاٽ تي سندس زال ثانيھ تاڙيون وڄائي کيس داد ڏيندي رهي ۽ هو اهڙي حوصلي ملڻ تي اسڪور ٺاهيندو ويو آهي. جڏهن تھ شعيب ملڪ جارحاڻي انداز ۾ کيڏندي 18 بالن تي 54 رنسون ٺاهي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. ياد رهي تھ ثانيھ مرزا مڙس کي همٿ وٺرائڻ خاطر ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود رهي. هوڏانهن شعين ملڪ جو چوڻ آهي تھ سيمي فائنل ۾ آسٽريليا سان اسان جو مقابلو تمام گهڻو ڏکيو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button