رانديون

ويسٽ انڊيز ويمن هٿان پاڪستان کي شڪست، ڊياندرا سنچري هڻي وئي

پاڪستان جي دوري تي آيل ويسٽ انڊيز ويمن جي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ويمن کي 46 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل دوري جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ويمن 253 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڊياندرا جون 132 رنسون پڻ شامل آهن. جڏهن تھ پاڪستان 208 ٺاهي 46 رنسن تان شڪست کاڌي، سندس بيٽرز عاليھ رياض 46 ۽ ارم جاويد 40 اسڪور ڪيو. انم امين ويسٽ انڊيز ويمن جون 5 وڪيٽون ورتيون، سندس محنت ٽيم کي ڪم نھ آئي. هيلي ميٿيوز 57 رنسون ۽ 3 وڪيٽون وٺي نمايان رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button