پي ايس ايل ۾ گهوٻين سميت ڪيترن ئي معاملن جي حوالي سان پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا خلاف جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين خلاف جاچ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ذريعي ڪرائڻ جو رٿيو ويو آهي. ايڪسپريس نيوز جي رپورٽ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزارت پي ايس ايل ۾ مبينا طور ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ بلٽ پروف گاڏين جي خريداري توڙي ٻين معاملن جي جاچ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. جاچ ۾ ٻين ڏسن ۾ ٿيل بيقائدگين کي شامل ڪيو ويندو، جنهن جي آڊٽ پي اي سي حوالي ٿيندي. بين الصوبائي رابطن واري وزير احسان الله مزاري جو چوڻ آهي تھ پي سي بي جي هر شعبي ۾ جاچ ٿيندي، ڇوتھ پي ايس ايل ۽ جونيئر ليگ جي معاملن ۾ بھ شفاف ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close