رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڪوسٽاريڪا ۽ ارجنٽينا ميچون کٽي ورتيون

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا ميڪسيڪو کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ واپسي ڪري ورتي آهي، ڪوسٽاريڪا وري جاپان کي هارايو آهي. ميڊيا مطابق ميسڪيڪو ۽ ارجنٽائين جي رانديگرن پهرين هاف ۾ هڪٻئي تي شديد لاڳيتو حملا ڪيا، پر گول نھ ٿي سگهيو. راند جي ٻئي هاف ۾ ليونل ميسي 64 منٽ ۾ شاندار نموني سان گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي، جنهن بعد راند ختم ٿيڻ کان رڳو 3 منٽ اڳ اسٽرائيڪر فرنينڊنس ٻيو گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. هوڏانهن ڪوسٽاريڪا وري جاپان کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button