رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ: سربيا ۽ ڪيمرون ۾ سخت مقابلو، ٻنهي جا هڪٻئي تي حملا، ميچ برابر

فيفا ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ دوران سخت مقابلي بعد ميچ 3،3 گولن تان برابر ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فٽبال ورلڊ ڪپ جي گروپ ۾ سربيا ۽ ڪيمرون جي رانديگرن شاندار راند کيڏندي مقابلي کي انتهائي دلچسپ بڻائي ڏيو، جنهن دوران ٻنهي ٻنهي جا هڪٻئي تي حملا ڪيا، پر ميچ فيصلائتي ٿي نھ سگهي آهي، جنهن بعد ٻنهي ٽيمن ۾ پوائينٽون برابر ورهايون ويون آهن. راند جي پهرين هاف ۾ ڪيمرون جي رانديگر جين چارلس ڪاسٽيلٽو 29 منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جنهن بعد سربيا جي استرهنجا پائولووچ 45 منٽ ۾ گول ڪري برتري ختم ڪري ڇڏي. جڏهن تھ سربيا جي سرگيج ملنڪووچ 45 ۽ اليگزينڊر مترووچ 53 منٽ ۾ هڪ، هڪ گول ڪري ٽيم کي واضع برتري ڏياري ورتي، پر ڪيمرون جي رانديگرن ونسينٽ ابوبڪر ايرڪ ميڪسم چوپو موٽنگ شديد مزاحمت ڪندي 63 ۽ 66 منٽن دوران هڪ، هڪ گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ميچ جي پڄاڻي تائين ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن فيصلائتا گول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button