رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي ۾ برازيل جي لڳاتار ٻي ڪاميابي

برازيل جي فٽبال ٽيم ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي ۾ لڳاتار ٻي ڪاميابي حاصل ڪري رائونڊ آف-16 لا ڪواليفا ڪري ورتو آهي. قطر ۾ هلندڙ ميگا ايونٽ ۾ گروپ “جي” جون ٽيمون برازيل ۽ سوئٽزرلينڊ آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ مقرر وقت پورو ٿيڻ تائين برازيل کي هڪ گول جي سرسي حاصل ٿي، جڏهن ته مخالف ٽيم سوئٽزرلينڊ جا رانديگر ڪو به گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. فاتح ٽيم برازيل طرفان مئچ جو واحد گول ڪيسمائرو 83 هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو. واضح رهي ته گروپ اسٽيج تي اها برازيل جي لڳاتار ٻي ڪاميابي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button