رانديون

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا ۽ پولينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون

قطر ۾ جاري ميگا ايونٽ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا ۽ پولينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن. جڏهن تھ سعودي عرب ۽ ميڪسيڪو جو سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق گروپ سي ۾ ارجنٽينا پولينڊ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ ڪواليفائي ڪيو. جڏهن تھ پولينڊ شڪست باوجود پوائينٽ ٽيبل تي ٻي پوزيشن سبب ايندڙ رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. هوڏانهن ميڪسيڪو سعودي عرب کان ميچ ۾ فتح ماڻڻ باوجود ايونٽ مان سعودي عرب سان گڏ نڪري ويو آهي. فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ گروپ سي جي ميچ ۾ سعودي عرب کي ميڪسيڪو هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان هارايو آهي، جنهن ۾ ميڪسيڪو جي هنري مارٽن 47 منٽ ۾ پهريون گول ڪيو، بعد ۾ لوئس چاويز 52 منيٽ ۾ گول ڪري ورتو، جنهن جي جواب ۾ سعودي عرب جي ٽيم صالح الشهري آخري وقت ۾ رڳو هڪ گول ڪري سگهي. جڏهن تھ ميڪسيڪو فتح ماڻڻ باوجود ايونٽ مان نڪري وئي آهي. جڏهن تھ سعودي عرب جو سفر پڻ ختم ٿي ويو آهي. هوڏانهن ساڳئي گروپ جي ٻي ميچ ارجنٽينا جي ايلسٽر ۽ جوليان الواريز شاندار راند کيڏندي هڪ، هڪ گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي. جڏهن تھ پولينڊ جا رانديگر گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button