رانديون

ويسٽ انڊيز 283 رنسن تي آئوٽ، آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پرٿ ٽيسٽ دوران پهرين اننگز ۾ 283 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا ٻي اننگز ۾ هڪ وڪيٽ تي 29 رنسون ٺاهي 344 رنسن جي برتري ڏئي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پرٿ ٽيسٽ جي ٽئين واري راند ۾ ويسٽ انڊيز 74 رنسن سان راند شروع ڪئي ۽ 209 رنسن جو اضافو ڪري سموريون وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. اوپنرن ڪريگ براٿويٽ 64 ۽ ٽيگنارائن چندرپال 51 رنسن سان نمايان رهيا، بقي بيٽرن مان جرمين بليڪ ووڊ 36، شارمار بروڪس 33، جيسن هولڊي 27 رنسون ڪيون. آسٽريلوي بالرن پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ 3،3 ۽ نيٿن ليان 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button