
پاڪستاني ڪرڪيٽرن عبدالله شفيق ۽ امام الحق پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ خلاف اوپننگ ڀائيواري جو 38 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏهاڙي تي عبدالله شفيق ۽ امام الحق 225 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري پاڪستاني بيٽر طور رڪارڊ قائم ڪيو آهي. جڏهن تھ عبدالله شفيق 114 ۽ امام الحق 121 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن تھ پاڪستان جي بيٽرن محسن حسن ۽ شعيب محمد 1984ع ۾ 137 رنسون ٺاهيون هيون.