
فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي قطر ايڊيشن جا گروپ اسٽيج مقابلا پڄاڻي تي پهچي ويا آهن، جنهن بعد ناڪ آئوٽ 16 جا دلچسپ مقابلا شروع آهن، جنهن ۾ برازيل ۽ سوئٽرزلينڊ جڳهه بھ ٺاهي ورتي آهي. جڏهن تھ ناڪ آئوٽ مرحلي جي 16 ٽيمن جي چونڊ مڪمل ٿي چڪي آهي. فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ 16 مرحلي ۾ اڄ ارجنٽينا جو آسٽريليا ۽ فرانس جو پولينڊ سان مقابلو ٿي رهيو آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ جي ضابطن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ناڪ آئوٽ 16 جي مرحلي ۾ ميچ برابر نھ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو نھ ٿيڻ تي ٽيمن کي 30 منٽ اضافي ڏنا ويندا ۽ پينلٽي ڪڪس ۽ ٻيون شيون 120 منٽن بعد ماضي جيان ملنديون. هوڏانهن آمريڪا 30 سالن بعد ناڪ آئوٽ 16 ۾ پنهنجي ميچ کيڏي آهي. ميگا ايونٽ ۾ فٽبال شوقينن ۾ پسند جي ٽيمن لا تجسس وڌي ويو آهي. ٻئي پاسي گروپ اسٽيج جي آخري ميچن ۾ ڪيمرون عالمي نمبر هڪ ٽيم برازيل کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني آهي، پر برازيل پوائينٽس جي بنياد تي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، ٻئي مقابلي ۾ سوئٽرزلينڊ سربيا کي 2 جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان هارائي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهتو آهي.