رانديون

ناڪ آئوٽ 16 جا دلچسپ مقابلا شروع، برازيل ۽ سوئٽرزلينڊ جڳهه ٺاهي ورتي

فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي قطر ايڊيشن جا گروپ اسٽيج مقابلا پڄاڻي تي پهچي ويا آهن، جنهن بعد ناڪ آئوٽ 16 جا دلچسپ مقابلا شروع آهن، جنهن ۾ برازيل ۽ سوئٽرزلينڊ جڳهه بھ ٺاهي ورتي آهي. جڏهن تھ ناڪ آئوٽ مرحلي جي 16 ٽيمن جي چونڊ مڪمل ٿي چڪي آهي. فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ 16 مرحلي ۾ اڄ ارجنٽينا جو آسٽريليا ۽ فرانس جو پولينڊ سان مقابلو ٿي رهيو آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ ناڪ آئوٽ ۽ فائنل تائين جو ڏيک

فيفا ورلڊ ڪپ جي ضابطن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ناڪ آئوٽ 16 جي مرحلي ۾ ميچ برابر نھ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو نھ ٿيڻ تي ٽيمن کي 30 منٽ اضافي ڏنا ويندا ۽ پينلٽي ڪڪس ۽ ٻيون شيون 120 منٽن بعد ماضي جيان ملنديون. هوڏانهن آمريڪا 30 سالن بعد ناڪ آئوٽ 16 ۾ پنهنجي ميچ کيڏي آهي. ميگا ايونٽ ۾ فٽبال شوقينن ۾ پسند جي ٽيمن لا تجسس وڌي ويو آهي. ٻئي پاسي گروپ اسٽيج جي آخري ميچن ۾ ڪيمرون عالمي نمبر هڪ ٽيم برازيل کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني آهي، پر برازيل پوائينٽس جي بنياد تي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، ٻئي مقابلي ۾ سوئٽرزلينڊ سربيا کي 2 جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان هارائي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button