رانديون

بابر، امام ۽ عبدالله جون سينچريون، پاڪستان جون 7 وڪيٽن تي 499 رنسون

پاڪستان انگلينڊ جي جبل جيڏي اسڪور کي شاندار راند کيڏندي پنهنجي قابو ۾ آڻي ورتو آهي، جنهن ٽئين ڏينهن جي راند ۾ 7 وڪيٽن تي 499 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن ۾ بابراعظم، امام الحق ۽ عبدالله شفيق جون سينچريون شامل آهن. رپورٽ موجب پنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستاني بيٽر بنا نقصان جي 181 رنسن سان راند شروع ڪئي، جنهن ۾  318 رنسن جون اضافو اسڪور کي 499 رنسن تي پهچائي ڇڏيو آهي. اوپنر عبدالله شفيق 114، امام الحق 121 ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد سعود شڪيل 37 ۽ محمد رضوان 29 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، بعد ۾ ڪپتان بابراعظم هڪ ڇڪي ۽ 19 چوڪن سان 134 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ويو. راند ختم ٿيڻ وقت آغا سلمان علي ۽ زاهد محمود ڪريز تي موجود هئا. انگلينڊ جي بالرن هڪ ڏينهن ۾ پاڪستان جون 7 وڪيٽون ورتيون آهن، جن ۾ ول جيڪس 3 ۽ جيڪ ليچ 2 بيٽرن کي نشانو بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button