رانديون

برازيل جا 36 منٽن ۾ 4 گول، ڏکڻ ڪوريا کي هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ 16 مرحلي ۾ برازيل جي رانديگر جارحاڻي راند کيڏندي پهرين هاف جي 36 منٽن ۾ 4 گول ڪري ميچ کي وقت کان اڳ ئي فيصلائتو بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ ڏکڻ ڪوريا کي شڪست ڏئي برازيل ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ 16 مرحلي ۾ برازيل ڏکڻ ڪوريائي رانديگر کي کيڏڻ نھ ڏنو، جنهن سبب ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم جو ايونٽ ۾ سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. ميچ جي پهرين هاف جي 7 منٽ ۾ برازيل جي ونيش جونيئر ۽ 6 منٽن بعد نيمار گول ڪيو، اهڙي ريت رچرليسن ۽ لوڪاس پيوڪيٽا وارو وڄائي 2 گول ڪري اسڪور چار تي پهچائي ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريا جا رانديگر برازيل جي گول تي لاڳيتو حملا ڪندا رهيا، پر ناڪام ويا، جنهن بعد پيڪ سيونگ هو آخري وقت 76 منٽ ۾ هڪ گول ڪري سگهيو ۽ کين هڪ جي ڀيٽ ۾ 4 گول تان شڪست ڏسڻي پئي آهي. جڏهن تھ ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل جو مقابلو ڪروشيا سان ٿيندو. هوڏانهن برزايل جي فتح تي ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جشن ملهايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بھ لياري پهچي هزارين ماڻهن سان گڏجي وڏي اسڪرين تي ميچ ڏٺي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button