رانديون

آسٽريلوي ڪپتان پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي دوري جو اعلان ٿيڻ بعد آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽم پين پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ٽيم جو پاڪستان ۾ 24هن ورهين بعد اچي سيريز کيڏڻ جي اعلان تي ڪپتان ٽم پين ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو آهي. ڪپتان ٽم پين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تھ پاڪستان جو دورو ڪري خوشي ٿيندي، پر هن وقت ڪجهه بھ چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه هوندي. هن ٻڌايو تھ سيڪيورٽي جي حوالي سان رانديگرن کي خدشا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو تھ ڪجهه رانديگر پاڪستان اچڻ تي گهٻرائين. هن چيو تھ ڪجهه رانديگر تھ سيڪيورٽي ماهرن جي تجويز کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻڻ چاهين ٿا، خدشا ختم ڪرڻا پوندا. هن تسليم ڪيو تھ پاڪستان ۾ اسان کي مثالي سيڪيورٽي ملي، 5 ڪلوميٽرن تائين روڊ بند رهيا، فضا ۾ هيلي ڪاپٽرن جي اڏار ٿي ۽ چيڪنگ لاجواب هئا، اهڙي سيڪيورٽي زندگي ۾ نھ ڏٺي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button