رانديون

انگلينڊ ويمن پهرين ٽي 20 ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ جي ويمن ٽيم 5 ميچن واري ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ويمن ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 105 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ رشادا وليمز 23، چنيلي 21، شبيڪا 13 ۽ شيمين 10 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ باقي بيٽر ڊبل ڊجٽ ۾ نھ اچي سگهيون. هوڏانهن انگلينڊ ويمن 13 اوور ۾ 106 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ ڊيني وائيٽ 59، صوفيا ڊنڪلي 25 ۽ لورين ونفيلڊ هل 15 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. انگلينڊ جي بالر لورين بيل 3 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button