انگلينڊ هٿان ملتان ٽيسٽ هارائڻ ۽ ٽيسٽ سيريز وڃائڻ بعد پاڪستان جون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ واريون اميدون ختم ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق انگلينڊ هٿان لاڳيتو ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست کائڻ بعد ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان پوائينٽ ٽيبل تي 6 پوزيشن تي هليو ويو آهي ۽ انگلينڊ 5 پوزيشن سنڀالي ورتي آهي. جڏهن تھ آسٽريليا پهرين، ڏکڻ آفريقا ٻي، سريلنڪا ٽين ۽ ڀارت چوٿين پوزيشن تي آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close