رانديون

قطر ۾ عام موڪل، فرانس جي صدر ميڪرون جي فائنل ۾ شرڪت

فيفا ورلڊ ڪپ جي ارجنٽينا ۽ فرانس جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل فائنل جي ميچ جي موقعي تي قطر جي حڪومت ملڪ ۾ عام موڪل ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪالهه قطر ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارا ۽ آفيسون بند رهيون. جڏهن تھ دوحا ۾ فائنل مقابلي ۾ فرانس جي ايم باپي ۽ ارجنٽينا جي ميسي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي ۽ سندن راند شوقينن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي آهي. قطري حڪومت فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل کي يادگار بڻائڻ خاطر سرڪاري ملازمن کي موڪل ڏئي نئين روايت کي جنم ڏنو آهي. هوڏانهن ڪينيڊا ۾ اهم ڪانفرنس ڇڏي ميچ ڏسڻ کي ترجيح ڏيڻ تي ماحولياتي تحفظ جا ڪارڪن چڙي پيا، جن صدر ميڪرون تي تنقيد ڪندي چيو تھ ماحول بابت ڪانفرنس ڇڏڻ ليڊرشپ جي ناڪامي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button