رانديون

خبر آهي تھ خاص ڪارنامو ڪيو، ٽيم کي فخر آهي: انگلش ڪپتان

پاڪستان کي وائيٽ واش شڪست ڏيندڙ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس چيو آهي تھ خبر آهي تھ جيڪو ڪيو آهي، اهو خاص آهي ۽ ان ڪارنامي ڪرڻ تي ٽيم کي فخر محسوس ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تھ ننڍي کنڊ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو پنهنجو انداز آهي، اسان فليٽ پچ مان مزو ورتو. هن چيو تھ مون ٽيم کي چيو تھ ان جو مزو وٺو، ڪرڪيٽ ۾ رڳو ڇڪا چوڪا لازمي ناهن، اهي تفريح بھ آهي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو تھ سيريز ۾ ٻڙي تان شڪست تي ڏک ۾ آهيان، منهنجي دل چوي ٿي ڪنڊ ۾ وڃي روئان. بهانو ناهي، انگلينڊ تجربيڪار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button