رانديون

پنڊي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاران پهرين ڏينهن 4 سينچريون ۽ عالمي رڪارڊ

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري دوران رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ آل رائونڊ پرفارمنس لاجواب رهي، جنهن ۾ پنڊي ٽيسٽ دوران انگلينڊ جي ٽيم پهرين ڏينهن 4 سينچريون اسڪور ڪرڻ سان گڏ وڏي اسڪور جو عالمي رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. پنڊي جي ميدان تي انگلش اوپنرن زيڪ ڪرائولي 122، بين ڊڪيٽ 107، اولي پوپ 108 ۽ هيري بروڪ 153 رنسن سان سينچريون هڻي اسڪور مٿي آندو. جڏهن تھ ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن 506 رنسون ٺاهي انگلش بيٽرن آسٽريليا جو 494 رنسن وارو صدي پراڻو رڪارڊ بھ ٽوڙيو آهي، جيڪو آسٽريليا 9 ڊسمبر 1910ع ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف سڊني ۾ ٺاهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button