
پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ شڪست ڏيڻ بعد انگلينڊ جا باقي ترسيل رانديگر ۽ آفيشلز بھ واپس ڏيهه روانا ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق انگلينڊ جا 13 رانديگر ۽ ميچ آفيشلز هڪ ڏينهن اڳ لنڊن روانا ٿيا هئا. جڏهن تھ باقي رانديگرن طئي ٿيل شيڊول تحت ڪالهه روانگي اختيار ڪئي آهي، جن ۾ 15 رانديگر ۽ آفيشلز شامل آهن. انگلش ٽيم جو جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ پهچڻ بعد دبئي روانو ٿيو، جتان اهي لنڊن روانا ٿيندا.