رانديون

بنگلاديشي بالرن ڀارت جي پهرين اننگز 314 تي ختم ڪري ڇڏي

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي پهرين اننگز جي 227 رنسن جي جواب ۾ 314 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان ڀارت کي 87 رنسن جي برتري ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت جي بيٽرن مان رشڀ پنٽ 93 ۽ شرياس آئير 87 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ اوپنر ڪي ايل راهول 10 ۽ شبمن فل 20 رنسون ٺاهيون، ڇتيش پجارا، ويرات ڪوهلي 24،24 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ بنگلاديشي بالرن شڪيب الحسن ۽ تيج الاسلام 4،4 وڪيٽون وٺي ڀارت اننگز محدود ڪري ڇڏي. هوڏانهن بنگلاديش ٻي اننگز ۾ بنا نقصان جي 7 رنسون ٺاهيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button