رانديون

پي سي بي ۾ تبديليون شروع، سليڪشن ڪاميٽي جو چيف محمد وسيم برطرف

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا کي هٽائي نئين مينيجمينٽ ڪاميٽي قائم ٿيڻ بعد اهم تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ سليڪشن ڪاميٽي جي چيف محمد وسيم کي برطرف ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق وفاقي حڪومت پاران بوڊ جا معاملا خاطر جوڙيل نيئن مينيجمينٽ ڪاميٽي محمد وسيم کي برطرف ڪيو آهي. جڏهن تھ چيف سليڪٽر محمد وسيم کي اي ميل ذريعي سندس نوڪري ختم ٿيڻ جي آگاهي ڏني وئي، هوڏانهن اهي پڻ خبرون اچي رهيون آ هن تھ ٻين تبديلين جا بھ امڪان آهن. ان کان اڳ پي سي بي جو 2019ع وارو آئين ختم ٿيڻ ڄاڻائي گورننگ باڊي جي خاتمي جو ميمبرن کي اطلاع ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ويمن سيلڪشن ڪاميٽي ۽ جونيئر سليڪشن ڪاميٽي بھ ختم ٿيڻ جو اصولي طور فيصلو ٿيو آهي، ڇوتھ ڄاڻايل مقرريون 2019ع جي آئين تحت هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button