رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٻي ٽيسٽ ملتان مان ڪراچي منتقل

پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي ۽ خراب موسم سبب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ رٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ اتان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن تي ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ملتان سميت سڄي پنجاب ۾ ڪوهيڙ جي صورتحال ٺيڪ نھ هجڻ تي ٻنهي بورڊن جي عهديدارن رابطو ڪري ٽيسٽ ميچ کي ملتان مان منتقل ڪيو، جڏهن تھ هاڻ ٻي ٽيسٽ 3 جنوري بدران 2 جنوري کان شروع ٿيندي. هوڏانهن ون ڊي ميچون بھ هاڻ 9 جنوري، 11 جنوري ۽ 13 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ موسم جي خرابي سبب ٽيسٽ جو هنڌ ۽ تاريخن توڙي ون ڊي جي تاريخن کي تبديل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button