رانديون

ڀارت ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي

ڀارت 2 ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ ڪرڻ لا تيار آهي، جنهن کي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ کٽڻ جي ڏس ۾ رڳو 100 رنسن جي ضرورت آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 231 رنسون ٺاهي رڳو 145 رنسن جو هدف ڏئي سگهي آهي، جنهن ۾ بيٽرن مان ذاڪر حسين 51 ۽ لٽن داس 73 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ نورلحسن ۽ تسڪين 31، 31 رنسون ٺاهيون هيون. ڀارتي بالرن مان اڪشر پتيل 3، محمد سراج ۽ رويچندرن ايشون 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن ٻي اننگز ۾ ڀارتي بيٽر بھ ڏکيائين جو شڪار رهيا، جيڪي رڳو 45 رنسن تيشبمن گل، ويرات ڪوهلي سميت 4 آئوٽ ٿي ويا آهن، جڏهن تھ اڪشر پٽيل 26 ۽ جئي ديو 3 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. هوڏانهن مهدي حسن جا 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button