رانديون

سلمان آغا جي سينچري، نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان 438 رنسون ٺاهي ورتيون

ڪراچي: پاڪستان، نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ٽيسٽ ۾ مڊل آرڊر بيٽسمين سلمان آغا جي سينچري جي مدد سان 438 رنسون ٺاهي ورتيون. نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 165 رنسون ٺاهيون. نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪالهه پهرئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن تي بابر اعظم پنهنجي گذريل ڏينهن جي 161 رنسن جي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو. ڪيوي ڪپتان ٽم سائوٿي پنهنجي مخالف ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي وڪيٽ ڪيپر ٽام بلنڊل جي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. سلمان آغا شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 188 منٽن ۾ 155 بالن تي 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن ۾ 17 چوڪا شامل هئا.

سلمان ۽ نعمان علي ستين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 54 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 400 کان مٿي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نعمان سست بيٽنگ ڪندي 103 منٽن ۾ 75 بالن تي صرف 7 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ هڪ چوڪو به شامل آهي. ٽم سائوٿي 25 ڏهائي 5 اوورن ۾ 69 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته آف اسپنر مائيڪل بريس ويل، ايش سوڌي ۽ اعجاز پٽيل ترتيب وار 112 رنسون ڏئي 2-2 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ جي پهرين اننگز ۾ ڪنوي ۽ ليٿم پنهنجي ٽيم کي 165 رنسن جو هدف فراهم ڪيو ۽ پاڪستان جي اسپن ۽ فاسٽ اٽيڪ بالرن کي اعتماد سان کيڏيو. ڪنوي 156 بالن تي 12 چوڪن جي مدد سان 82 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ليٿم 126 بالن تي 8 چوڪن جي مدد سان 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button