پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ سال 2022 دوران مبينا مقابلن ۾ 18 ڏوهاري مارڻ جي دعوى

حيدرآباد (رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد ۾ سال 2022 دوران شهرين کان 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي وئي. پوليس رپورٽ موجب ڏوهي وارداتن دوران 3 سئو 24 پستول هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس طرفان 18 ڏوهارين کي مقابلن ۾ ماريو ويو، 91 ڄڻن کي گوڏن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو، 5 هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. خبر موجب حيدرآباد ۾ سال 2022 دوران ڏوهي واردات ۾ رڪارڊ اضافو رهيو، جنهن ۾ شهرين کان بينڪن ٻاهران ۽ سندن گهرن مان ڪروڙين روپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو. حيدرآباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ ٻن گهرن مان ڪروڙين روپين جي ماليت جو ڌاڙو هنيو ويو. قاسم آباد ۾ ڪيترن ئي گهرن مان ڪروڙين ماليت جا ڌاڙا هنيا ويا. هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ نجي بينڪ جي گاڏي مان 15 ڪروڙ ڦر ڪيا ويا، 157 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ 23 کان وڌيڪ ڪارون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون.

ان ڏس ۾ پوليس پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد شهر ۾ جنوري کان وٺي ڊسمبر 2022 تائين شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ ۽ ڌاڙا هڻندڙ 18 ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، جنهن ۾ هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي مقابلي ۾ 4 ڏوهاري مارجي ويا. جڏهن ته حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي حد ۾ 91 ڏوهارين کي زخمي ۽ ساڳئي وقت 682 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. 31 موبائل چوري ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا. 4 هزار کان وڌيڪ چور ۽ عام ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. 171 ڪار لفٽر گرفتار ڪيا ويا. 5 اغوا ڪار گرفتار ڪيا ويا. 5 هزار 92 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. 95

گينگز جو خاتمو آندو ويو. هٿيار رکڻ جا 334 ڪيس داخل ڪري 323 هٿيار هٿ ڪيا ويا. جنهن ۾ 10 رائفل، 4 رپيٽر، 292 پستول، 33 ريوالور ۽ هڪ گرينڊ شامل آهي. منشيات رکڻ جا 360 ڪيس داخل ڪري 414 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هيروئن 8 ڪلو، 697 ڪلو چرس، 2 ڪلو آئيس پڪڙي، 665 مين پڙي جا ڪيس داخل ڪري 747 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. هڪ لک 54 هزار 725 مين پڙي ۽ 4 لک 22 هزار 284 گٽڪا هٿ ڪيا ويا. 23 ڪارون ۽ 157 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. ياد رهي ته هر سال پوليس جي رپورٽ مطابق ڏوهي وارداتن ۽ منشيات جي وڪري ۽ واهپي ۾ رڪارڊ اضافو هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button