پاڪستانسنڌ

پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻُو قتل، ٻيو زخمي

پيرجوڳوٺ: پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي. رپورٽ موجب پير جو ڳوٺ ڀرسان ڪانهر موڙ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن قربان علي ڪانهر ۽ سڪ علي ڪانهر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته زخمين کي وارثن خيرپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي قربان علي ڪانهر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول قربان ڪانهر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ پير جو ڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد حقيقن جي خبر پوندي، جڏهن ته جاچ ڪريون پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا مجلس تان واپس اچي رهيا هئا ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button