اسلام آبادپاڪستانشوبز

مڙس بلال ڪراچي جو رهواسي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آهي:ريحام خان

اسلام آباد:عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان چيو آهي ته منهنجو ٽيون مڙس مرزا بلال بيگ اردو ڳالهائيندڙ خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ ڪراچي جو رهواسي آهي. شادي بعد هڪ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي شادي سادگي سان ٿي وئي، صرف ان ڪري جو اسان ٻئي چاهيون ٿا ته شادي سادي ۽ آسان ٿئي، جيئن ماڻهو سمجهن ته شادي کي مسئلو نه بڻايو وڃي. ريحام خان جو چوڻ هو ته مڙس مرزا بلال بيگ ڪافي عرصي کان آمريڪا ۾ رهي ٿو. ريحام جو چوڻ هو ته بلال سان منهنجي پهرين ملاقات آمريڪا جي دوري دوران ٿي، ان ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو ته بلال ۽ مون ۾ ڪيتريون ئي شيون ساڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته مرزا بلال سيٽل ۾ رهندو آهي ۽ سيٽل ۾ هڪ وڏي عالمي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button