اسلام آبادپاڪستان

بينظير ڀٽو آخري پساهه تائين وفاق جي زنجير بڻيل هئي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترما بينظير ڀٽو کي سندس شهادت ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو آخري پساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستان جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪندي رهي. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حق ۽ سماجي سڌاري لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نالي جيان بينظير هئي. هن صبر وارن حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ ماءُ زال ۽ ڀيڻ جو رشتو وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايو. هن چيو ته بينظير ڀٽو سياست ۾ بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هو سياسي عورت ڪارڪنن لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندڙ هئي جنهن هميشه آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀتو ذاتي زندگي ۾ به ڪافي ڏک ڏٺا پر انهن تڪليفن سندس سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي اڃا وڌيڪ طاقتور بڻايو. آئين پارليامينٽ جمهوريت عوامي حق ۽ سماجي سڌاري لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي. محترمه جي شهادت پاڪستان جو وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اڳوڻي صدر زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پاڪستان کپي جو نعرو هڻي پاڪستان جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول، بختاور ۽ آصفا ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان تعزيت ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو کي پنهنجي وار رحمت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ وارثن کي صبر ۾ رهڻ جي سگهه ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button