اسلام آبادپاڪستان

بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. بينظير عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007 جو ڪارو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو فراموش نه ڪرڻ جوڳو ڏينهن آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سموري عمر مسلسل جدوجهد جو هڪ داستان آهي. ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي آمريت جي خلاف ان جي پرعزم تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي. هن چيو ته نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو عوام کي ميثاق جمهوريت جو تاريخي تحفو ڏنو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ جي سياست ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو. ميثاق جمهوريت اسان جي اڳواڻن جي سياسي بصرت جو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي. ميثاق سان پاڪستان ۾ هڪ نئون سياسي ڪلچر ۽ روايت شروع ٿي. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئت منداڻو ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي خلاف پاڪستان جي مضبوط ازم جو ثبوت آهي. بينظير ڀٽو ملڪي دفاع کي مضبوط، آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي فلاح ۽ بهبود لاءِ اڻ ٿڪ خدمتون ڪيون. هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو سميت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سمورن گهڻ گهرين سان تعزيت ڪريون ٿا. الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۾ رهڻ جي سگهه ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button