اسلام آبادپاڪستان

نيب نيازي ڳٺ جوڙ ملڪ ۾ سنگين معاشي بحران پئدا ڪيو:شهباز شريف

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي گذريل حڪومت مجرماڻي غفلت ڪئي، مهانگي درآمدي ٻارڻ سبب ملڪ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ شمسي توانائي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ تيل جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جنهن سبب پاڪستان جهڙن پذير ملڪن ڏکيائين کي منهن ڏنو. هن سال 27 ارب ڊالرن جو ٻارڻ خريد ڪرڻو پيو، جيڪو پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ گڏوگڏ جنگ جي نتيجي ۾ گئس فراهمي ۾ به خلل آيو آهي. هن شمسي توائاني جي استعمال تي زور ڏيندي چيو ته بجلي جي مد ۾ گردشي قرض 2 هزار 500 ارب رپيا ٿي چڪو آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جو پي ايس ڊي پي 700 ارب رپيا آهي، ايندڙ سال اپريل کان سمورين وفاقي سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. اسان لاءِ هڪ ڊالر به هن وقت قيمتي آهي، شمسي توانائي تي سرڪاري عمارتن جي منتقلي سان ناڻي جي بچت ٿيندي. سندس چوڻ هو ته شمسي توانائي جي لاڳت هن وقت 3 سينٽ في يونٽ آهي، ان سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، اهو اسان جي بقا جو معاملو آهي. زراعت، صنعت، ڪاروبار، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سڀني کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ قومي خدمت هوندي. وزيراعظم چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ بدترين انتقام ورتو، اسان کي حڪومت ۾ آئي 8 مهينا ٿيا آهن، سڄو گند صاف نٿا ڪري سگهون، مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ به اسان جي خواهش نه پر مجبوري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button