رانديون

بسما سال 2022ع مان خوش، بابر خوشي سان گڏ مايوس

پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مينز قومي ٽيم جي ڪپتانن گذريل ويل سال 2022ع کي خوشين سان گڏ ڪرڪيٽ ۾ مايوسين واري قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ويمن ٽيم جي ڪپتان بسما معروف ٻڌايو تھ سال 2022ع ۾ اسان جي ٽيم اهم ڪاميابيون ماڻيون، جنهن ۾ خاص ڪري ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ يادگار وقت هو، تنهنڪري اسين خوش آهيون.

پاڪستاني ڪپتان بسما معروف

هوڏانهن مينز ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو تھ قومي ٽيم گذريل سال دوران وڏيون ڪاميابيون ماڻيون، جنهن سان خوشي ٿي پر ٽيسٽ فارميٽ ۾ بدقسمتي سان سٺيون ٽيمون پاڪستان آيون، پر اسان جي پرفارمنس بهتر نھ رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button