رانديون

ڪونوي جي سينچري، نيوزيلينڊ ۾ 309 رنسون ٺاهي ورتيون، 6 آئوٽ

نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻي ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ بيٽنگ ڪندي پهرين ڏينهن تي 6 وڪيٽون وڃائي 309 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن اوپنرن مضبوط شروعات ڪئي، ليٿم 71 ۽ ڪونوي 122 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ پهرين ٽيسٽ ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ ڪين وليمسن 36 رنسون ڪيون، هينري نڪولس 26، ڊيرل مچل 3 ۽ مائيڪل براسويل ٻڙي تي آئوٽ ٿي واپس ٿيا آهن. جڏهن تھ راند جو وقت ختم ٿيڻ تي ٽام بلينڊل 30 ۽ ايش سوڍي 11 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. پاڪستاني بالرن مان آغا سلمان 3 اهم وڪيٽون وٺي ڪيويز جو پهرين ڏينهن وڏو اسڪور روڪڻ ڪامياب ٿيو آهي. هوڏانهن تيز بالر نسيم شاهه بھ بهترين بالنگ ڪرائي 2 وڪيٽون ورتيون، جادوئي اثر رکندڙ ابرار هڪ وڪيٽ وٺي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button