رانديون

ٿر جيپ ريلي 5 کان 8 جنوري تائين منعقد ڪرائڻ جو اعلان

ٿر جيپ ريلي 5 جنوري کان 8 جنوري تائين ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪا ٿرپارڪر ۾ منعقد ڪئي ويندي. ميڊيا مطابق سنڌ جي وڏي وزير جي راندين بابت خاص معاون ارباب لطف الله جو چوڻ آهي تھ ٻي ٿر جيپ ريلي ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ ڪرائي ويندي، جنهن ۾ 5 جنوري تي ٽيڪينڪل اسنپيڪشن ڪرائي ويندي، 6 جنوري تي ڪواليفائنگ رائونڊ هوندو، 7 جنوري تي اسٽاڪ ڪيٽيگري ريس ۽ 8 جنوري تي پري پيڊ ريس ڪيٽيگري ڪرائي ويندي. هن ٻڌايو تھ اٺن جي ڊوڙ، ملاکڙو ۽ ميراٿن جا ايونٽ بھ ٿيندا. جڏهن تھ ايونٽ مان ملندڙ رقم ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button