رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ سڀاڻي کان ون ڊي سيريز جا مقابلا، ميٽ هينري بيمار

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جنهن جي تياري ٻنهي ٽيمن ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ۽ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ون ڊي سيريز جي مهورت ڪئي آهي. جڏهن تھ ٻنهي ٽيمن ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ کي بالر ميٽ هينري جي سيريز مان نڪرڻ سان ڌڪ رسيو آهي، جيڪو پيٽ جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تُھ ڪپتان ۽ سليڪٽرز جو هڪ پيج تي هجڻ لازمي آهي، نائب ڪپتان شان مسعود کي کيڏائڻ جو فيصلو اڄ ٿيندو. هن جو چوڻ هو تھ مون کي پنهنجي ذميوارين جي ڄاڻ آهي، پر منهنجو ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي، ڪنهن کي مطمئن ڪرڻ منهنجو ڪم ناهي. هن چيو تھ وائيٽ بال ۽ ريڊ بال ٽيمون ڌار ڌار هجڻ گهرجن. هن چيو تھ سرفراز احمد موقعو ملڻ تي اهليت ثابت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button