رانديون

ٿر جي ريگستان واري جيپ ريلي صاحبزادا سلطان ۽ ماهم کٽي ورتي

ٿر جي ريگستان واري تاريخي جيپ ريلي مردن ۾ صاحبزادا سلطان ۽ عورتن مان ماهم شيراز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٻوڏ متاثرن جي مدد جي سري هيٺ ٿر جيپ ريلي جي آخري ڏهاڙي تي پري پيڊ ڪيٽيگري مقابلا ٿيا، جنهن ۾ صاحبزادا سلطان ٽريڪ جو فاصلو هڪ ڪلاڪ 8 منٽن ۾ طئي ڪري سال جي پهرين ڪاميابي ماڻي. جڏهن تھ عورتن جي پري پيڊ ڪيٽيگري ۾ ماهم شيراز هڪ ڪلاڪ 24 منٽ ۾ فاصلو پورو ڪري ڪامياب ٿي آهي. هوڏانهن مردن ۾ مردن ۾ شيراز قريشي 18 منٽن جي فرق سان ٻيو نمبر رهيو، اهڙي ريت بي ڪيٽيگري ۾ نعمان سرنجم ۽ ڊي ڪيٽيگري ۾ شڪيل احمد ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي ۾ 67 گاڏين حصو ورتو، جنهن مان ملندڙ رقم ٻوڏ متاثرن جي مدد جي ڏس ۾ خرچ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button